SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خود ڪلامي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

خود ڪلامي

(Monologue)

لفظ مونو لاگ اصل ۾يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ٻن لفظن: Monos (مونس) يعني اڪيلو (Alone) ۽ Logue يعني ڳالهائڻ (Speak) مان گڏجي هڪڙو لفظ مونو لاگ وجود ۾آيو، جنهن ۾ فقط هڪ طرفو ڳالهائڻ هوندو آهي. خود ڪلامي يا مونو لاگ جو ادب ۾ سڀ کان پهريون مثال، مشهور يوناني ڊرامه نگار سوفوڪليز (Sophocles) جي ڊرامنَ ۾ ملي ٿو. ان جو ئي هڪ ٻيو قسم آهي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ ان کي ’Soliloquy‘ چئبو آهي. خود ڪلاميءَ جو اصطلاح خصوصي طور ڊرامن سان منسوب هو. شيڪسپيئر جي اڪثر غمگين ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار پاڻ سان ڳالهائين ٿا. مونو لاگ قديم شيءِ آهي. پر سنڌيءَ ۾ انهيءَ ٽيڪنڪ تي تمام گهٽ لکيو ويو هي. سڀ کان پهريون نالو امر لعل هنڱوراڻيءَ جو سامهون اچي ٿو، جنهن جي افساني ”ادو عبدالرحمان“ جو ڪردار ٻين جي موجودگيءَ ۾ يڪ طرفو ڳالهائي ٿو. انهيءَ کان گهڻو پوءِ 1965 ۾هريش واسواڻيءَ جو ساهت ڌارا رسالي ۾ هڪڙو مونو لاگ ڇپيو. پاڻ سان پاڻ ڳالهائڻ واري انداز ۾ فني لحاظ سان اهو مڪمل مونو لاگ آهي ۽ شايد سنڌيءَ ۾ پهريون پورو مونو لاگ ۾ افسانو آهي.”روشني جي تلاش“ناول ۾ اغا سليم ھڪ نئين ٽيڪنڪ خود ڪلامي (Monologue) شامل ڪئي اھي. سنڌي ڊرامن ۾ خود ڪلاميءَ جا ڪيترا مثال ملن ٿا. ان کان علاوه سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ به خودڪلاميءَ جا بيشمار مثال موجود آهن. خاص طور 1970ع کان پوءِ جديديت واري دور ۾ شوڪت شوري، مشتاق شوري، نور گهلوءَ ۽ ٻين خود ڪلاميءَ جي طرز ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن. شبنم گل جو هڪ طويل نظم ”خود ڪلامي“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.


Remember Me Also:

آکاڙولڳائڻ

گوڙ ڪرڻ. دائرو وجهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal